جتي ٻڌڻ

جُتي ٻڌڻ: شاديءَ جي هڪ رسم، جيڪا ٿر جي سماٽن ۽ هندن جي گڏيل رسم آهي، جڏهن گهوٽ پهريون ڀيرو ساهرن ۾ ايندو آهي ته ان جو هر فعل ساليون ٻڌنديون آهن. اهڙيءَ طرح جيڪڏهن گهوٽ جُتي پائڻ جي ڪوشش ڪئي ته ساليون هيئن چئي جُتي ٻڌنديون:
سائي سُتي، موتيان ڳتي
ٻڌل آهي، اوهان جي جُتي
(سائي موتين سان ڳتيل سُتيءَ سان اوهان جي جُتي ٻڌل آهي).
جُتي ٻڌڻ جا ٻول مختلف به ٿين ٿا، جن تي وري گهوٽ ڪجهه ٻول چئي ”جُتي“ کوليندو آهي، جيئن ته:
اڇي ميڙهي اوجلي، اوپر ٻيٺا ٻي پڳ
اسان موجا ڇوڙيا، ٻڌا اوهان را پڳ
(اڇي ماڙيءَ مٿان ٻه ٻگهه ويٺا آهن، منهنجي جُتي ڇڙي پئي، اوهان جا پير ٻڌا پيا آهن) .


هن صفحي کي شيئر ڪريو